تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

حيدرآباد: ڀيڻيوي پاران ناري کي قيد ڪري لڄالٽ ڪرڻ جو انڪشاف، پوليس جوابدار ڇڏي ڏنو

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو حيدر ۾ نوجوان ناري سان زيادتي جو انڪشاف، ڀيڻويي حميد قاسم آباد ۾ مائٽن جي گهر قيد ڪري زيادتي ڪئي، پوليس ڌيءُ کي بازياب ڪرائڻ دوران ناٺي کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ کيس رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، متاثر ناري جي والد جو پوليس تي الزام,ايس ايس پي کي درخواست ۾ انصاف جو مطالبو، رپورٽ موجب پٻڻ ٿاڻي جي حد ٽنڊو حيدر شهر جي رهواسي غلام مصطفيٰ خاصخيلي ايس ايس پي حيدرآباد کي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته 25 اپريل تي سندس ناٺي حميد خاصخيلي ڌيءُ ارم خاصخيلي کي مبينا طور تي اغوا ڪري قاسم آباد ۾ مائٽن جي گهر وٺي ويو ۽ اتي ساڻس زيادتي ڪئي بعد ۾ کيس ڪراچي وٺي وڃي اتي به زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو. پٻڻ پوليس سندس فرياد تي نياڻي ارم کي مبينا طور ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرايو ۽ ناٺي کي پڻ گرفتار ڪيو هو پر بعد ۾ کيس رشوت وٺي بااثر ماڻهن جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ناٺي ۽ بااثر ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن. متاثر ناري ارم جو چوڻ آهي ڀيڻويو گهران ورغلائي قاسم آباد ۾ مائٽن جي گهر وٺي ويو ۽ اتي قيد ڪري زيادتي ڪندو رهيو بعد ۾ کيس ڪراچي منتقل ڪري اتي به ساڻس زيادتي ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻيهر حيدرآباد وٺي آيو جتان کيس پوليس بازياب ڪرائي ٿاڻي تي وٺي اچي وارثن حوالي ڪيو هو. معاملي بابت رابطو ڪرڻ تي پٻڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد اعواڻ ٻڌايو ته اهڙي قسم جو واقعو ٿيو هو ان بابت کيس ڪجهه ڪجهه ياد آهي پر معاملي بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اوهان وڏي منشي سان رابطي ۾ اچو. ارم خاصخيلي موجب ته سندس وڏي ڀيڻ سان حميد جي شادي ٿيل آهي ان ڪري هو سندن گهر ايندو رهندو هو ۽ 25 اپريل تي گهر آيو ۽ اهو چئي وٺي ويو ته کيس مائٽن گهمڻ هلي رهيا آهيون ٻه ڏينهن واپس نه اچڻ تي ارم جي والده 27 اپريل تي ايس ايس پي حيدرآباد نياڻي جي بازيابي لاءِ درخواست ڏني ان کان پوءِ پٻڻ پوليس کيس 29 اپريل تي ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو پوليس ارم سان زيادتي ٿيڻ باوجود سندس ميڊيڪل نه ڪرايو ۽ 18 ڏينهن تائين والد سميت ٿاڻي ۽ اسپتال جا چڪر هڻائيندي رهي ٿي. ناري ۽ سندس والد مطالبو ڪيو آهي ته معاملي ۾ ملوث حميد خاصخيلي توڙي سندس سهولتڪار بڻيل مائٽن خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.