تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

حيدرآباد ڀرسان جهيڙي ۾ ٻن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل: پوليس 12 مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو: ذريعا

پٻڻ شريف ڀرسان 3 ڏينهن اڳ ٻوڙاڻا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو هو

هوسڙي پوليس ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي: ذريعا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان جهيڙي دوران ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو 3 ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ٿي ويو. پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پٻڻ شريف ڀرسان ڳوٺ اُميد علي ٻوڙاڻو ۾ 3 ڏينهن اڳ ٻوڙاڻا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران عبدالرزاق ۽ غلام مرتضيٰ قتل ٿي ويا هئا. هوسڙي ٿاڻي تي مقتول عبدالرزاق ٻوڙاڻو جي ڀاءُ عبدالله ٻوڙاڻو جي فريادي تي 12 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ منظور ٻوڙاڻو، زاهد، حسين بخش، ساجن، لکا ڏنو، ارشاد ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، پر گرفتاري ظاهر نه پئي وڃي، جڏهن ته پوليس گرفتاري کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته جهيڙي دوران زخمي ٿيل 5 ڄڻن جو حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.

Bookmark the permalink.