تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ هراسمينٽ معاملي تي سيڪريٽري طلب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ ماسترياڻين جي وڊيو ٺاهي کين هراسان ڪرڻ واري معاملي تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري، ڪمشنر حيدرآباد، آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر ۽ پبلڪ اسڪول جي پرنسپل سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. پبلڪ اسڪول ۾ جونيئر سيڪشن جي وائيس پرنسپل ماهه طلب، اسسٽنٽ هيڊ مسٽريس عاليا ۽ مسعوده سميت ٻين ماسترياڻين ايڊووڪيٽ ظهور بلوچ معرفت عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته پبلڪ اسڪول ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ استادن توڙي ماسترياڻين کي مختلف سبب ڄاڻائي پريشان ڪرڻ واري معاملي تي اڳ ۾ ئي آئيني پٽيشن داخل ٿيل آهي پر ان جي باوجود پبلڪ اسڪول جي انتظاميا ماسترياڻين ۽ استادن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. عدالت ماسترياڻين جي داخل پٽيشن ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. پٽيشن جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تي اڳ ۾ ئي داخل پٽيشن سان گڏ ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.