تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد ويجهو وڻ ۾ ٽنگليل لاش هٿ، نوجوان آپگهات ڪيو: پوليس

حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد ويجهو ڳوٺ علڻ بڙدي ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، اطلاع تي سيري پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مقامي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش 20 سالن جي ڌرمون پٽ وشنو ڪولهي جو آهي، جيڪو رات دير سان گهران ڪاوڙجي نڪتو هو ۽ هن پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هنن نوجوان جو لاش صبح جو وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو ۽ وارثن واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ته پوليس پهچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هيٺ لاٿو ۽ وارثن جي موجودگي ۾ اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان رات جو 12 بجي گهران نڪتو هو ۽ واپس نه آيو ان ڪري صبح جو انهن نوجوان جي ڳولا پئي ڪئي ته علائقي واسين کين اطلاع ڏنو ته اوهان جي نوجوان جو لاش ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ ۾ هڪ وڻ ۾ ٽنگيو پيو آهي. پوليس موجب وارثن واقعي بابت ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ جو چيو آهي پر تنهن باوجود هو واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.

Bookmark the permalink.