تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

حيدرآباد: هٽايل وي سي سميت 33 ڄڻن جي ضمانت ۾ 8 ڏينهن واڌ، پروفيسر راجا ڏاهر آزاد

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار پروفيسر جي هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، وائيس چانسلر سميت 33 عملدارن جي عبوري ضمانت ۾ 8 ڏينهن جي واڌ، پروفيسر آزاد. رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل ڄامشورو پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ 70 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار پروفيسر راجا ڏاهر هڪڙو جي وڪيل عدالت ۾ ٻڌڻي دوران دليل ڏنا ته جنهن وقت يونيورسٽي ۾ ڄاڻايل ٽينڊر ٿيو هو، ان دوران پروفيسر راجا ڏاهر ملڪ ۾ ئي موجود نه هو ته پوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس سندس خلاف ڪيئن ڪرپشن ۾ ملوث ڄاڻائي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي. عدالت اينٽي ڪرپشن پوليس جي جاچ آفيسر کان پڇيو ته اوهان وٽ جوابدار خلاف ڪهڙا ثبوت آهن؟ ، جنهن تي عملدار ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏئي سگهيو. عدالت سندس هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف ساڳئي ڪيس مان گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائيندڙ هٽايل وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت، ڪنٽرولر مرتضيٰ سيال، رجسٽرار امير ابڙو، وي سي جو اڳوڻو سيڪريٽري عبدالحفيظ ابڙو، پروفيسر سردار شاهه، ٽرانسپورٽ ڪاميٽي جو ميمبر رياض حسن قريشي، دادو ڪئمپس جو وائيس چانسلر منير سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ايم ڊي بيدل مسرور، ڊائريڪٽر فنانس معشوق، رٽائرڊ مختيارڪار عثمان مينگل، ملازم اسلم ڪنبوهه، محمد نديم آرائين، عبدالله ملڪ، هادي بخش ميمڻ، غلام سرور لاشاري، زاهد رضوي، سيد طاهر عباس، سليم رضا، مسعود احمد جمالي، خانگي ڪمپني جي سربراهه سيد زاهد مصطفيٰ، ٽينڊر ڪاميٽي جي اڳوڻي ڪنوينر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، پيٽروليم ۽ سي اين جي جي اڳوڻي انچارج فهيم مغل، اڳوڻي سي ايس ايس آفيسر (آڊٽ اينڊ اڪائونٽن) مشتاق ميمڻ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ شعبي جي عملدار نور الله ملڪ، فنانس ۽ پلاننگ ڪميٽي سينڊيڪيٽ ميمبر محمد معشوق صديقي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر شفيع محمد ميمڻ سميت 33 عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، سندن وڪيلن دليل ڏيندي عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار بيڏوهي آهن ان لاءِ سندن ضمانت پڪي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هيستائين اوهان ڄاڻايل عملدارن خلاف ڪيتري جاچ ڪئي آهي، ان بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. تنهن تي اينٽي ڪرپشن جو جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته انهن کي ڪجهه رڪارڊ يونيورسٽي مان ملي نه سگهيو آهي، اڃا انهن جي جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي ان ڪري عدالت کين ڪجهه وقت فراهم ڪري. ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي حڪم ڏنو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف لڳل الزامن بابت سمورا تفصيل عدالت کي فراهم ڪري. عدالت عبوري ضمانت ڪرائيندڙ سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ 8 ڏينهن جي واڌ ڪري شنوائي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن عدالتي حڪم بعد اينٽي ڪرپشن پوليس پروفيسر راجا ڏاهر کي جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جڊيشل لاڪ ڪندي کيس جيل موڪليو جتان بعد ۾ عدالتي آرڊر تحت سندس آزادي ٿيڻي هئي.

Bookmark the permalink.