تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد: هلال احمر جي دل واري اسپتال جا وارڊ بند، 15 ملازم گهرڀيڙا، ٻين کي به نيڪالي جو فيصلو

حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد ۾ هلال احمر جي دل واري اسپتال جا وارڊ بند، وارڊن ۾ ڪم ڪندڙ 15 کان وڌيڪ ملازمن کي بنا پگهار جي موڪل تي روانو ڪيو ويو، موڪل تي موڪليل ملازمن کيٻي هنڌ ڪم ڪري پيٽ گذر ڪرڻ جي صلاح، هلال احمر جنرل اسپتال جي اضافي ۽ غير فعال شعبن جي ملازمن کي به گهر ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو، اسپتال جا وارڊ بند ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري. رپورٽ موجب هلال احمر جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ ۽ مالي گهوٽالي جو جواز ڄاڻائي لطيف آباد ۾ هلندڙ دل جي اسپتال جا وارڊ بند ڪري ڇڏيا آهن. هلال احمر جي صوبائي سيڪريٽري اسپيشل ڪميٽي جي سفارش تحت اهڙو ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري اسٽاف ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي. اسٽاف کي جيتوڻيڪ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ڪٽس به فراهم ڪيون ويون پر ان جي باوجود هڪ ڊاڪٽر نوشاد شيخ فوت ٿي ويو ۽ هڪ مالهي فقيرا مسيح ڪورونا ۾ مبتلا ٿيو. اهڙي صورتحال جي ڪري اسپيشل ڪميٽي هلال احمر جي دل واري اسپتال جا ميل ۽ فيميل وارڊ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته اسپتال جا ڊائگنوسٽڪ يونٽس معمول موجب کليل رهندا. اسپيشل ڪميٽي جي فيصلي تحت ٻنهي وارڊن جي ملازمن کي چيو ويو آهي ته هو بنا پگهار جي موڪل تي هليا وڃن. سندن نوڪري بحال رهندي ۽ جيئن ئي وارڊ ٻيهر کوليا تيئن ئي کين نوڪرين تي واپس سڏيو ويندو. ان عرصي دوران ملازم ڀلي ٻي هنڌ ڪم ڪن ته جيئن سندن پيٽ گذر ٿيندو رهي. ملازمن کي صرف مئي 2020ع جي 15ڏينهن جي پگهار ادا ڪئي ويندي. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته هلال احمر اسپتال سخت انتظامي گهوٽالي جو شڪار آهي جنهن ڪري اسپتال کي ملندڙ چندو ۽ عطيو بند ٿي ويو آهي ان ڪري مرحليوار دل جي اسپتال کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هلال احمر حيدرآباد جي هڪ انتظامي عملدار رفيق وارثي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسپتال جا ملازم ڪورونا وائرس جي ڪري وقت تي پنهنجي ڊيوٽين تي نه پيا اچن ان ڪري مجبوري ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ملازمن سان ڳالهيون ٿي ويون آهن ۽ انهن پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن ڪري انهن کي واپس گهرايو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.