تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

حيدرآباد مان اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي، ڪيس داخل، ڇاپا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري علائقي مان 5 سيپٽمبر تي اغوا ڄاڻايل عورت مسمات صبيحه راڻي اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، عورت جي مڙس ياسر علي پٺاڻ 11 سيپٽمبر 2020ع تي مارڪيٽ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس زال جي عمر 34 سال ۽ هو 5 ٻارن جي ماءُ آهي. سندس زال جو دماغي توازن به ٺيڪ نه آهي، هوءَ پنهنجي موبائيل فون تان هڪ ٻي شخص سان ڳالهائيندي رهندي هئي. فرياد ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هوءَ پنهنجي ڊيوٽي جي سلسلي ۾ شمالي وزيرستان ۾ هو جتي موبائيل فون ڪم نه ڪندو آهي، سندس ڀاءُ کيس 5 سيپٽمبر تي پي ٽي سي ايل تي فون ڪري ٻڌايو ته سندس گهر خيريت نه آهي. اهڙي فون ڪال تي هو پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي گهر پهتو ته کيس پتو پيو ته هن جي گهرواري گهر ۾ موجود ڪانهي جڏهن ته هو پاڻ سان گڏ موبائيل فون به کڻي وئي آهي. سندس چوڻ مطابق ڪنهن شخص سندس زال کي ورغلائي اغوا ڪيو آهي، ان ڪري کيس بازياب ڪرايو وڃي. مارڪيٽ پوليس مطابق عورت جنهن نمبر تي ڳالهائيندي هئي اهو هڪ مسيح جي نالي سان رجسٽرڊ ٿيل آهي. ان فون جي سي ڊي آر تحت ڪراچي جي هڪ فليٽ تي ڇاپو هنيو ويو پر عورت بازياب نه ٿي سگهي ۽ نه ئي وري اهو شخص هٿ اچي سگهيو.

Bookmark the permalink.