تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

حيدرآباد: عورت وڪيل ملڪيت جي تڪرار تان مڙس هٿان قتل ٿي، ڪيس داخل، جوابدار جيل حوالي

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ مڙس هٿان ملڪيت جي تڪرار تان قتل ٿيل عورت وڪيل جو قتل ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت پاران جوابدار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم. رپورٽ موجب پڃاري ٿاڻي جي حد پريٽ آباد واري علائقي ۾ 14 سيپٽمبر تي مڙس هٿان قتل ٿيل نوجوان عورت وڪيل صوبيا زال عامر مارواڙي جي قتل جو ڪيس سندس ڀيڻ سميرا قاضي جي فرياد تي پوليس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڀيڻويي عامر ۽ ڀيڻ صوبيا وچ ۾ جڳهه واري معاملي تان تڪرار هلندڙ هو. 15 ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ عامر کي چيو ته گهرواري جاءِ ٻارن جي نالي تي ڪئي وڃي پر سندس مڙس هڪ به نه ٻڌي جنهن کانپوءِ هن عدالت مان کيس ليگل نوٽيس موڪليو. نوٽيس ملڻ بعد سندس ڀيڻويو عامر سخت ناراض ٿيو ۽ ڀيڻ سان جهيڙو پڻ ڪيو. ڀيڻ فون ڪري معاملي بابت آگاهه ڪيو. واقعي واري رات هو ڀيڻ جي گهر پهتي جتي هن ٻنهي ڄڻن گڏجي عامر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عامر سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪاوڙ ۾ وڃي ڪمري ۾ سمهي رهيو. ڪجهه دير بعد سندس ڀيڻ به ٻارن ۽ مڙس سان ساڳين ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ وئي. رات جو هڪ بجي رڙين جو آواز آيو. دروازو کليل هئڻ سبب هو ڪمري ۾ اندر داخل ٿي ته عامر سندس ڀيڻ صوبيا کي گهٽا ڏئي رهيو هو ته هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پاڙي وارن جي گڏ ٿيڻ بعد عامر فرار ٿي ويو. ڪجهه دير سندس ڀيڻ بيهوش هئي جنهن بعد هو فوت ٿي وئي. هوڏانهن پڃاري ٿاڻي جي پوليس جوابدار عامر مارواڙي جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار اعتراف ڪري چڪو آهي ته هن پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. عدالت جاچ آفيسر جي اهڙي بيان بعد جوابدار جو 164 وارو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. وڪيلياڻي جي قتل ڪيس ۾ پوليس پاران جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي اطلاع تي سوين وڪيل عورتون توڙي مرد لاڳاپيل عدالت ٻاهران پهچي ويا جنهن ڪري اڻوڻندڙ واقعي جي امڪان سبب پوليس پاران وڏي انگ ۾ نفري گهرائي مقرر ڪئي وئي. جوابدار کي سخت پهري هيٺ عدالت آندو ويو جتان ٻيهر کيس پوليس جي بند گاڏي ۾ جيل منتقل ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.