تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حيدرآباد: عورت مريض جو فائيل گم، آپريشن نه ٿي سگهيو، حالت خراب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال انتظاميا مبينا طور رٿيل آپريشن جو فائيل گم ڪري ڇڏيو، مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، وارثن پاران سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاج. خبر موجب سيتا روڊ واسڻ سلميٰ پليپوٽو جو ڪالهه جگر جو آپريشن رٿيل هو، جيڪو پروفيسر الطاف ٽالپر کي ڪرڻو هو پر آپريشن وقت مريض جو فائيل گم ٿيڻ سبب سندس آپريشن نه ٿي سگهيو. اسپتال انتظاميا طرفان فائيل گم ڪرڻ تي وارثن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مريض سلميٰ پليپوٽو جي مڙس ڪامران پليپوٽو ٻڌايو ته سندس زال جگر جي مريض آهي، جنهن جي علاج لاءِ هو گذريل 4 مهينن کان سول اسپتال حيدرآباد جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، سول اسپتال جي انتظاميا پهريان ڄامشورو اسپتال موڪليو، جتي ڄامشورو اسپتال سندس زال جو آپريشن کان انڪار ڪندي کين ٻيهر واپس سول اسپتال حيدرآباد موڪليو. هن چيو ته 14 سيپٽمبر 2020ع تي سول اسپتال حيدرآباد پاران داخلا ڏئي 16 سيپٽمبر تي سندس زال جي آپريشن جي تاريخ ڏني وئي پر گهر ويجهو هئڻ ڪري انهن اسپتال عملي کان موڪل ورتي ته آپريشن ڏينهن اينداسين، جنهن کانپوءِ عملي فائيل پاڻ وٽ جمع ڪندي کانئن صحيح ورتي ته مريض کي داخلا بعد گهر وٺي وڃڻ دوران ڪجهه به ٿيو ته ضمانت وارثن جي هوندي، هن چيو ته هو اربع ڏينهن 16 سيپٽمبر تي پنهنجي زال کي آپريشن لاءِ سول اسپتال وٺي آيا ته عورت جي آپريشن ۽ داخلا وارو فائيل عملي گم ڪري ڇڏيو جنهن ڪري هو آپريشن ڪندڙ پروفيسر الطاف ٽالپر جي انتظار ۾ رات دير تائين اسپتال ۾ ويٺل رهيا. هن چيو ته آپريشن جي تاريخ ملڻ سبب مريض رات کان ڪجهه به ناهي کاڌو ۽ هن وقت مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، هن الزام هنيو ته ڊاڪٽر اقرا آپريشن عيوض 15 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته اسپتال عملي رشوت نه ڏيڻ تان فائيل گم ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.

Bookmark the permalink.