تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

حيدرآباد: عدالت ۾ فائرنگ واري ڪيس ۾ اهلڪار جي ضمانت منظور

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي عدالت ۾ فائرنگ واري ڪيس ۾ نامزد اي سي ايل سي، سي آءِ اي ڪراچي پوليس جي عملدار نيڪ محمد کوسو جي گرفتاري کان اڳ 50 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظوري ڪري ڇڏي آهي. پوليس عملدار نيڪ محمد کوسو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت ضمانت لاءِ درخواست ڏني. ٻڌڻي جسٽس امجد حسين سهتو ۽ جسٽس راشده اسد جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن پوليس عملدار نيڪ محمد کوسو ڪراچي ۾ اي سي ايل سي، سي آءِ اي پوليس جي ڊيوٽي تي موجود هو جنهن جو سمورو رڪارڊ وٽن موجود آهي. حيدرآباد ۾ غيرموجودگي باوجود مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته 26 نومبر تي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي عدالت جي چيمبر ۾ حسين آباد ٿاڻي جي اڳوڻي حاضر سروس ايس ايڇ او محمد شريف کوسو فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ سندس ناٺي صبور احمد چانڊيو زخمي ٿي پيو هو. واقعي جو ڪيس ڪينٽ پوليس زخمي نوجوان جي فرياد تي ايس ايڇ او محمد شريف کوسو، سندس ڀاءُ منظور احمد کوسو ۽ پٽن عامر کوسو، خان محمد ۽ پوليس عملدار نيڪ محمد کوسو سميت 5 ڄڻن خلاف داخل ڪري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به لاڳو ڪيا هئا.



Bookmark the permalink.