تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

حيدرآباد: شيدي ۽ ڪاڪا برادري جي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار، فائرنگ، مظاهرو، نعريبازي

حيدرآباد (بيورورپورٽ) قاسم آباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ ڪاڪا ۽ شيدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻئي ڏينهن به ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي، عدالت مان پيشي تان موٽندڙ قادر بخش ۽ خالد شيدي مٿان ڪاڪا ڌر جي ماڻهن جي ٻيهر فائرنگ، اطلاع باوجود پوليس ڪارروائي نه ڪئي. رپورٽ موجب قاسم آباد ۾ شيدي ڳوٺ جي رهواسي ڪاڪا ۽ شيدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ناڪام ٿي وئي، گذريل ڏينهن قادر بخش ۽ خالد شيدي عدالت ۾ پيشي بعد واپس گهر وڃي رهيا هئا ته گل سينٽر وٽ ڪار ۾ سوار ماڻهن مٿن ٻيهر فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد ٻنهي ڄڻن جي او آر ٿاڻي تي پناهه ورتي، جتي انهن پاڻ مٿان ٿيل فائرنگ جي واقعي جي اين سي داخل ڪرائيندي الزام هنيو ته فائرنگ ڪندڙن ۾ بلاول ڪاڪا، اسلم جمالي، دادلو لاشاري ۽ سندس ساٿي شامل هئا، جڏهن ته پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار نه ڪيو جنهن تان مڇرجي شيدي برادري جي ماڻهن ٻيهر سحرش نگر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين ٻڌايو ته پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار پئي وهي، ان ڪري هو بار بار مٿن قاتلاڻا حملا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڊي ايس پي قاسم آباد خاطري ڪرائي هئي ته سندن معاملو حل ڪيو ويندو پر ان باوجود ڪو به تدار نه ٿيو آهي. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي قاسم آباد ٻڌايو ته ٻئي ڌريون سياسي اثر رسوخ رکن ٿيون ان ڪري سندن ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته آچر واري ڏينهن ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان هٿيار سڌا ڪيا هئا انهن معاملي کي ٽاريو ۽ کين خاطر ڪرائي ته معاملي جو نبيرو ڪيو ويندو. هن چيو ته آچر واري فائرنگ جي حوالي سان ته کين ڄاڻ آهي پر سومر جي ڏينهن فائرنگ وارو واقعو پيش آيو آهي يا نه، ان بابت کين ڪو به علم نه آهي.

Bookmark the permalink.