تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

حيدرآباد: شادي لاءِ نڪتل ڇوڪري وارثن حوالي، ڇوڪرو آزاد

حيدرآباد (بيورورپورٽ) سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ريلوي پوليس پاران تحويل ۾ ورتل 16/ سالن جي ڇوڪريءَ کي سندس والدين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ڇوڪريءَ کي لاهور وٺي ويندڙ 16 سالن جي ڇوڪري عزيز کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ 18 سالن کان گهٽ عمر وارو جوڙو ڪراچي کان لاهور لاءِ روانو ٿيو هو جتي ان جوڙي کي شادي ڪرڻي هئي پر حيدرآباد جي ريلوي پوليس جوڙي کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي ته پتو پيو ته اهو جوڙو مائٽن جي مرضي کانسواءِ شادي لاءِ ريل گاڏي ذريعي لاهور وڃي رهيو آهي. پوليس ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري عزيز جي مائٽن کي ڪراچي مان طلب ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، ابتدائي طور ڇوڪريءَ مائٽن سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته هو عزيز نالي ڇوڪري کي پسند ڪري ٿي ۽ ان سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. هو مائٽن وٽ ان ڪري وڃڻ نٿي چاهي جو کيس خدشو آهي ته مائٽ هن کي قتل ڪري ڇڏيندا. ڇوڪريءَ جي اهڙي بيان تي کيس وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو هو. جوڙي کي اربع ڏينهن سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڇوڪريءَ جي بيان کانپوءِ کيس والدين جي حوالي ڪيو ويو. ڇوڪريءَ جي والدين ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي عدالت ڇوڪري عزيز کي به آزاد ڪري ڇڏيو. ڇوڪرو ۽ ڇوڪريءَ ڪراچي جي هڪ ئي پاڙي جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.