تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

حيدرآباد سول اسپتال جو چيف ڊينٽل سرجن ڪورونا وگهي فوت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال حيدرآباد جي چيف ڊينٽل سرجن ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو. 59 سالن جي چيف ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر قربان علي سومرو کي آگسٽ مهيني جي آخر ۾ ڪورونا جي تشخيص ٿي هئي جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو پر طبعيت خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس پهرين سيپٽمبر تي سول اسپتال حيدرآباد جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. آئيسوليشن وارڊ ۾ علاج دوران سندس ڪورونا نيگيٽو ٿي وئي هئي پر ڦڦڙ خراب ٿيڻ جي ڪري کيس ميڊيڪل آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو جتي هن گذريل ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. 20هين گريڊ جو ڊاڪٽر قربان علي سومرو شهدادپور شهر جو رهواسي هو ۽ سول اسپتال حيدرآباد ۾ چيف ڊينٽل سرجن طور مقرر ٿيل هو. کيس 3 نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد هو. ڊاڪٽر جي فوت ٿيڻ تي سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي. سندس مڙهه کي ايس او پي تحت شهدادپور منتقل ڪيو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.