تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد: زيادتي دوران مارجي ويل نينگري سان انصاف نه ٿيو، وارث دربدر، ڌريون عدالت طلب

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ۾ ريپ دوران مارجي ويل نينگري سان انصاف نه ٿيو، نينگري جا وارث 13 مهينن کان انصاف لاءِ دربدر، نينگري جي پيءُ انصاف لاءِ ٻيهر عدالت جو در کڙڪايو، اختيار ڌڻين کي ڏنل درخواست ۾ رڪارڊ تبديل ڪرڻ جو الزام، شڪي جوابدارن جي ٻيهر ڊي اين اي ڪرائڻ لاءِ بورڊ جوڙڻ جي اپيل، عدالت ڌرين کي 2 جون تي طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ 10 اپريل 2019ع تي ريپ دوران قتل ٿي ويل 13 ورهين جي نينگري مريم جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري سندس وارث انصاف جي حاصلات لاءِ اڃا تائين در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. اهو ڪيس ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ زين ٽاور جي هڪ فليٽ ۾ ٿيو هو جنهن دوران نينگري اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿي گهڻو رت وهي وڃڻ جي ڪري فوت ٿي وئي هئي. نينگري جي پيءُ امجد علي بيگ لغاري جي فرياد تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر پوليس 13 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اڃا تائين معصوم نينگري سان ريپ ڪري کيس قتل ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي. نينگري جي پيءُ امجد بيگ لغاري پنهنجي وڪيل شفيع محمد جسڪاڻي جي معرفت سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڏئي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. لاڳاپيل عدالت سميت آءِ جي سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد ڊويزن، ايس ايس پي حيدرآباد، انچارج ڪيميڪل ليبارٽري ڄامشورو ۽ ٻين کي موڪليل درخواستن ۾ نينگري جي والد امجد علي بيگ لغاري الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءُ جي ريپ ۽ قتل واري ڪيس ۾ شاهديون تبديل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ڀٽائي نگر پوليس سان گڏ ليبارٽري جا عملدار پڻ ملوث آهن. نينگري جي والد جي درخواست مطابق رڪارڊ ۽ ڊي اين اي جا سيمپل تبديل ڪرڻ ۾ ليبارٽري جو عملدار حسين سومرو به ملوث رهيو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته ڪيس ۾ ڊي اين اي جي لاءِ 20 ڄڻن جا جزا ليبارٽري کي موڪليا ويا پر فهد علي هڱورو، اي ڊي ملڪ عرف الهڏنو، منور (سوئيپر) ۽ ياسر چارڻ جي جزن جي رپورٽ ڪيس ۾ شامل نه آهي. ڊي اين اي جي رپورٽ کي ٽن مهينن تائين لڪايو ويو ۽ اها عدالت ۾ به پيش نه ڪئي وئي جنهن مان کيس شڪ آهي ته ڊي اين اي ڪندڙ ليبارٽري عملدار جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪا رپورٽ جاري ڪئي وئي انهن ۾ ڊي اين اي ڏيندڙ ماڻهن جي شناختي ڪارڊ نمبرن ۾ به هيراڦيري ڪئي وئي آهي. هن پنهنجي درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي رڪارڊ ۾ پڻ هيرا ڦيري ڪئي وئي آهي ۽ ڪجهه خاص پوليس آفيسرن کي مقرر ڪري رپورٽ تبديل ڪئي وئي. هن اپيل ڪئي آهي ته شڪي ماڻهن جي هڪ ئي وقت ڊي اين اي ڪرڻ لاءِ خصوصي بورڊ جوڙيو وڃي ته جيئن سندس نياڻي سان انصاف ٿي سگهي. هوڏانهن عدالت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر ۽ فريادي کي 2 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.