تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جي چوٿين ڏينهن به تالابندي، ملازمن جو احتجاج، شاگردن جي پڙهائي متاثر

ملازمن طرفان مطالبن تي عمل تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ

پبلڪ اسڪول جي تعليم ئي معياري ناهي، مسئلا آهن: ڪمشنر حيدرآباد
حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول جا ملازم احتجاج ڪري رھيا آھن

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جا ملازم چئن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن. ملازمن طرفان ڪلاسز جي تالابندي سبب هزارين شاگرد رُلي ويا. احتجاج ڪندڙ اسڪول جي استادن صائما آخوند، شگفتا شاهه، مسز احمد شاهه، ڪوثر صديقي، مس بينش نقوي، سراج ابڙو ۽ ٻين چيو ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي تاريخي علمي درسگاهه آهي، جيڪا انتظامي بي ڌياني سبب زوال جو شڪار ٿي رهي آهي. هنن چيو ته اسڪول انتظاميا ڄاڻي واڻي اسڪول کي تباهه ڪري رهي آهي، استادن ۽ ملازمن جي پگهارن، الائونسز، وڌيل پگهار نه ملڻ سميت ٻيا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. هنن مطالبن جي مڃتاءَ تائين احتجاج جاري رکن جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ملازمن مطالبو ڪيو ته پبلڪ اسڪول لاءِ مستقل بنيادن تي قابل ۽ ايماندار مقرر ڪري غير سياسي بورڊ آف گورنرس جوڙيو وڃي، گڏوگڏ استادن ۽ ملازمن جا جائز مطالبا فوري طور استعمال ڪيا وڃن. ٻئي پاسي ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ٻڌايو ته پبلڪ اسڪول ۾ داخلا ماضي جي ڀيٽ ۾ نه هجڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻي اتي جو تعليمي معيار بهتر ناهي، داخلا گهٽ هجڻ ڪري اسڪول جي آمدني گهٽجي وئي آهي، تنهن ڪري اسڪول جي اسٽاف کي ادائيگين ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي، اسان استادن کي چيو آهي ته اهي تعليم جو معيار بهتر ڪن. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي پڻ لکيو آهي ته ڪجهه گرانٽ وڌائي وڃي پر بنيادي مسئلو معياري تعليم جو آهي، جيڪا هاڻي نه پئي ملي، اسان استادن سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿيندي.

Bookmark the permalink.