تازا ترين
  • *ملير ۾ الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق*
  • *ڪراچي: حيدرآباد رينج جي 20 کان وڌيڪ انسپيڪٽرز کي پگهارون نه مليون، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور*
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*

حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال طرفان سجاول واسڻ نجمه ذهني طور صحتمند قرار: سيف هائوس حوالي

عدالت ناري نجمه جي علاج ۽ طبي معائني لاءِ ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي

سجاول (رپورٽر) حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ سجاول جي ناري نجمه کي ذهني طور صحت مند قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ تائين ناريءَ کي سيف هائوس منتقل ڪري ڇڏيو. سجاول ۾ مبينا طور لڄالٽ جو شڪار ناري نجما کي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال ۾ ناريءَ جي ذهني توازن جي حوالي سان ٿيل ميڊيڪل ٽيسٽ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري ذهني طور صحتمند آهي.
عدالت ميڊيڪل رپورٽ پيش ٿيڻ بعد ناريءَ نجمه جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ تائين کيس سيف هائوس منتقل ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي کانپوءِ ناري نجمه کي سخت سيڪيورٽيءَ ۾ سيف هائوس منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سجاول اسپتال انتظاميا کي ناريءَ جو هر ٻئي طبي معائنو ڪرڻ ۽ سندس علاج لاءِ ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.