تازا ترين
  • *ٺل: ناري آسيا ٻرڙو جو اغوا ڪيس 10ڄڻن خلاف داخل، وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو *ناري جي ڀاءُ غلام قادر، ڪملو، حيات ٻرڙو سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو *آسيا ٻرڙو کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: مظاهرين *
  • *مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي، ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي، 2 ڳوٺاڻا گرفتار*
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

حيدرآباد جي ماڊل ڪورٽ ٻن خونن جي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي چئن سالن بعد بري ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 قتل ڪيس ۾ ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي 4 جوابدارن کي چئن سالن بعد بري ڪري ڇڏيو آهي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جوابدار عزيزالله ڇلگري، محب ڇلگري، هادي بخش ڇلگري ۽ عبدالحفيظ ڇلگري کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڪري ڪيو. 25 مئي 2016 تي ڇلگري ٿاڻي تي مقتول انور ڇلگري جو قتل ڪيس پوليس سندس ڀاءِ جي فرياد تي نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو هو، ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس فريادي جي نشاندهي تي چئني ڄڻن جا نالا ڏنا هئا، جوابدارن پنهنجي وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت عدالت ۾ ڪيس خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، گذريل هفتي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته فريادي ڌر ذاتي ۽ سياسي دشمني سبب جوابدارن کي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. فريادي ڌر پاران پيش ڪيل سمورو ڪيس ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. مقتول جو ڀاءُ فريادي واقعي واري وقت کان وٺي پوليس سان رابطي ۾ هو پر هن پهرين سندن نالا پوليس کي نه ڏنا ۽ پوءِ پوليس ۽ علائقي جي بااثر ماڻهن جي صلاح سان ڪيس ۾ نالا ظاهر ڪيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عدالت چئني ڄڻن کي بري ڪندي چئن سالن بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.