تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد جي اسپتال ۾ جھيڙي جا 6 جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 11 جي عدالت هلال احمر اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ جهيڙي واري ڪيس ۾ گرفتار 6 جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدار مدثر يوسفزئي، بلال شيخ، معيز، سيد طلحه، عبدالمجيد شيخ، محتسم ۽ سمير شيخ کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي، ان لاءِ کين جوابدارن جو هڪ هفتي لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته هلال احمر اسپتال ۾ مريض کي وٺي ايندڙ وارثن کي ماسڪ پاتل نه هو، جنهن تي اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن ۽ وارثن ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران مريض جي وارثن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ملازمن کي مارڪٽ ڪئي هئي. واقعي جو ڪيس هلال احمر جي ملازم انوار الدين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو. پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو.

Bookmark the permalink.