تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

حيدرآباد جيل جو سزا ڪاٽيندڙ قيدي ڪينسر وگهي فوت

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سزا ڪاٽيندڙ پڪو قيدي ڪينسر جي مرض وگهي فوت ٿي ويو. 42 سالن جو مير ولد ليمون اوڏ خلاف ٽنڊو الهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي معرفت جهيڙي ۽ ماڻهن کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ کيس 5 سالن جي قيد جي سزا ڏني وئي هئي. قيدي 4 جولاءِ 2018ع تي سينٽرل جيل منتقل ٿيو هو. کيس گوڏي ۾ ڪينسر ظاهر ٿي هئي جنهن کانپوءِ مسلسل سندس علاج جاري رهيو پر هو بيماري مان صحتياب نه ٿي سگهيو. جيل انتظاميا موجب فوت ٿيل قيدي مير اوڏ کي 10 سيپٽمبر تي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي سندس علاج هلندڙ هو. قيدي اسپتال ۾ دم ڏنو جنهن کانپوءِ ضروري ڪارروائي ڪري سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي کڻائي ٽنڊو الهيار پهتا.

Bookmark the permalink.