تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

حيدرآباد، سکر ۽ ٽنڊوالهيار ۾ کنڀي گم ڪيلن جي بازيابيءَ لاءِ مظاهرا

حيدرآباد/سکر/ٽنڊوالهيار(نمائندن وٽان) فريد آباد ۽ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ سندن گهرڀاتين پاران پندرهين ڏينهن به پريس ڪلب حيدرآباد سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ناهيد خاصخيلي، صنم خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي مٿان جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪري مٿن ڪيس هلايو وڃي. ٻئي طرف سنڌ سجاڳي فورم ۽ عوامي ورڪز پارٽي واڻڪي وسي پاران کنڀي گم ڪيل وڪيل محب آزاد لغاري سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب حيدراباد سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عبدالطيف لغاري، سهڻي جويو، پير بخش نوناري، اعزاز لغاري، فريد لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن جو آواز اٿاريندڙ وڪيلن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جبري گمشدگيون عالمي انساني حقن توڙي پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. ٻئي طرف سکر ۾ ضلعي بدين جي ٽنڊو باگو مان ٽي مهينا اڳ گهر مان مبينا کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر آيت الله جروار جي بازيابي لاءِ پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن سکر ڊويزن پاران قاسم پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نعمت الله رڪ، نواز گل اڄڻ، مبارڪ جتوئي، سيد صابر شاهه، ڊاڪٽر مجاهد حسين سومرو سميت هيومن رائٽس فورم جي اڳواڻ وڪيل الاهي بخش ميتلو، ميڊم زبيده گهانگهرو، امتياز احمد  سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ٽي مهينا اڳ ٽنڊو باگو ۾ آن ڊيوٽي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر آيت الله جروار کي رات جي وقت نامعلوم هٿيار بندن گهر مان کنڀڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي. هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو مسعود شاھ، بچل شاھ ، بشير شر، غلام رسول شر، محفوظ نوتڪاڻي، گلشير ٽڳڙ، محب آزاد سميت 100 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران انعام عباسي، ڊاڪٽر سڪندر چانڊيو، عاشق اوڍاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، احتجاجي ڪيمپ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي،وفا ڪاشف ڀٽو، محبوب جتوئي، جسقم ٽنڊوالهيار جو اڳواڻ اڪرم پنهور باغي ڪالرو، جي پرڪاش، ساگر فيصل بوزدار کنڀي گم ڪيل ڪاشف ٽڳڙ جي ڀاءُ سڪندر علي ٽڳڙ انور بروهي اشفاق خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان جبري طور کنڀي ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جاري رهندو.

Bookmark the permalink.