تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

حيات پتافي ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري زخمي ٿيل عورت فوت

حيات پتافي( ن پ ا) حيات پتافي ويجهو ڳوٺ دري نوحاڻي مسمات ثمينه نوحاڻي زال مشرف نوحاڻي ڇت تي ڪاٺيون رکي رهي هئي ته ڪرنٽ لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان نيو ويو، جتي چار ڏينهن علاج هلڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي جنهن جو مڙه پنهنجي اباڻي ڳوٺ آندو ويو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو ان سلسلي سندس مڙس مشرف نوحاڻي ٻڌايو ته منهنجي زال جو فوت ٿيڻ جو سبب واپڊا جي ناهلي آهي سندس واپڊا عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت واپڊا خلاف ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪايو ويندو.

Bookmark the permalink.