تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

حمزه شهباز جي گهرواري به ڪورونا ۾ مبتلا، ڀاتين جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (نواز) جي اڳواڻ حمزه شهباز کانپوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي. مسلم ليگ (نواز) جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات موجب حمزه شهباز جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه ڇنڇر تي جيل ۾ پنهنجي مڙس سان ملاقات ڪئي هئي. حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر رابعه جي به ٽيسٽ ڪرائي وئي، جيڪا پازيٽو اچي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ (نواز) جي گرفتار  اڳواڻ حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي. ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ حمزه شهباز پنهنجي پيءُ شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي هئي. جنهن بعد سندس ٻين گهرڀاتين جي به ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (نواز) جي مرڪزي صدر شباز شريف چيو هو ته منهنجي پٽ حمزه شهباز کي جيل ۾ ڪورونا ٿي ويو ۽ هو سياسي انتقام جو انتهائي جرئتمندي سان مقابلو ڪري رهيو آهي.

Bookmark the permalink.