تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

حــيدرآباد جــي عدالــت پــاران هراسمينٽ ڪيس جو جوابدار بري

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت هراسمينٽ ڪيس جو جوابدار بري ڪيو آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار عبدالستار، ۽ راشد قاضي کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي. راشد قاصي خلاف 2019ع دوران مڪي شاهه پوليس منشيات جو ڪيس داخل ڪيو هو. ٻئي طرف ساڳي عدالت پڃاري ٿاڻي تي نوجوان کي جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ذيشان ملڪ کي به ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.