تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي جي 409 هين عرس جي دعا واري رسم ادا ڪئي وئي

بلڙي شاھ ڪريم )ن پ ا) عظيم بزرگ اولياءَ حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي 409 ئين عرس مبارڪ جي دعا واري رسم سادگي سان ادا ڪئي وئي، دعا ۾ درگاھ شاھ ڪريم جو گادي نشين سيد شاھد حسين شاھ ڪاظمي ڀٽ شاھ جي گادي نشين سيد وقار لطيفي جي ڀاءُ سيد خاور حسين شاھ، ٽائون چئيرمين سيد ارتضي شاھ، يوسي چئيرمين عبدالڪريم جت سردار غلام محمد ملڪاڻي سميت ڪريم سائين جي مريدن راڳي فقيرن شرڪت ڪئي، پوري عالم اسلام جي ڀلائي امن امان پيار محبت ڀائچاري ۽ ڪورونا وائرس جي مڪمل خاتمي جون خصوصي دعائون گھريون ويون جڏھن ته درگاھ جي احاطي ۾ راڳي فقيرن شاھ لطيف ۽ شاھ ڪريم جي شاعري مان بيت ۽ وائيون پڻ پيش ڪيون ويون  جڏھن ته درگاھ جي مين گيٽ تي پوليس سڪيورٽي به مقرر ڪئي وئي ھئي

Bookmark the permalink.