تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

حريم شاهه جي حرڪتن تي والد شرمسار: قوم کان معافي وٺي ڇڏي

لنڊن/ لاهور (م ڊ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جي حرڪتن تي والد شرمسار، متاثرن، رشتيدارن ۽ قوم کان معافي وٺي ڇڏي. حريم شاهه جي والد زرار حسين شاهه پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار جيوالد وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته حريم شاهه جي حرڪتن تي والد جي حيثيت ۾ شرمسار آهيان، اهڙا لفظ ئي ناهن جن سان معذرت ڪريان. هن چيو ته اسان عزتدار خاندان سان تعلق رکون ٿا،پنهنجي نياڻي حريم شاهه کي سٺي تعليم ڏياري، ديني تعليم به ڏياري، اندازو ئي نه هو ته هوءَ ڀٽڪي ويندي، خبر ناهي مونکي ڪنهن جي بد دعا لڳي وئي. هن چيو ته حريم جي حرڪت تي منهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن کي صدمو رسيو آهي، آئون ڪوشش ڪندس ته انهن تي مرحم رکان. هن چيو ته حريم جي ڪري ملڪي سلامتي يا وقار کي نقصان پهچڻ تي به فڪرمند ۽ ڏک ۾ آهيان. هن چيو ته مون حريم جي تربيت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ جيڪو ڪري سگهيس ڪيو، معياري اسلامي مدرسن ۾ پڙهايو پر بدلي ۾ هن مونکي خوار ڪيو، جن حريم جي تربيت ڪئي، انهن سڀني کي دلي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. هن چيو ته هڪ قصو ياد ڪري دل کي ٿوري تسلي ڏيندو آهيان ته حضرت نوح عليه سلام جو هڪ پٽ والد جي هزار سال محنت جي باوجود ڪافر ٿي ويو، بندو جڏهن الله کان پري ٿي ويندو آهي ته ان کي الله ڀٽڪائي ڇڏيندو آهي، دعا آهي ته الله ان کي هدايت ڏي. هن چيو ته اسان ڪنهن سان دشمني ته ڪري سگهون ٿا پر ڪنهن جي عزت سان نه ٿا کيڏي سگهون، مون سڄي زندگي ٻين جي عزت ڪئي آهي، گهر ۾ سڀ ڀاتي حريم جي ڪري پريشان آهن. هن چيو ته مسلمان جي حيثيت سان يقين آهي ته الله جنهن کي چاهي عزت ڏئي، جنهن کي چاهي ذلت ڏئي، زندگي پاڻ به گناهن جي سزا ڏيندي آهي. ٻئي پاسي سياستدانن ۾ هلچل مچائيندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتون غيرمحفوظ آهن، اهي محفوظ زندگي نه ٿيون گذاري سگهن، حريم جي اهڙو بيان سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيو، جنهن تي ڪجهه ماڻهن سندس حمايت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي حريم شاهه ٽوئيٽ ۾ جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا پاڪستان ۾ عورتون محفوظ آهن ته انهن کي اڪيلي رات جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏياريو.



Bookmark the permalink.