تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

حريم شاهه جو پاڪستان ڇڏي ڪينيڊا منتقل ٿيڻ جو اعلان

ڪراچي (شوبز نيوز) تڪراري ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه اعلان ڪيو آهي ته هوءَ پاڪستان ڇڏي ڪينيڊا منتقل ٿي رهي آهي، سياستدانن سان تڪراري وڊيو شيئر ڪرڻ بابت مشهوري ماڻيندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه گذريل 2 مهينن کان پاڪستاني سياست ۾ ٿرٿلو مچائي رهي آهي، حريم شاهه پاڪستاني ميڊيا جو ڌيان ان وقت حاصل ڪيو جڏهن هن پرڏيهي آفيس ۾ گھمندي وڊيو جاري ڪيو جيڪو وائرل ٿي ويو. پر شيخ رشيد سان حريم شاهه جي لائيو ڪال واري وڊيو پاڪستان ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. ان کان اڳ صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان به حريم شاهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي چڱي ڀلي وائرل ٿي هئي. سياسي وزيرن سان اسڪينڊل جي ڪري حريم شاهه پاڪستان جي تڪراري ترين عورت بڻجي چڪي هئي ايستائين جو کيس ٻين قنديل بلوچ سڏيو پي ويو. تازو ئي حريم شاهه هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته هن وقت وزيراعظم عمران خان جي وڊيو پڻ موجود آهي جيڪو کيس تنگ ڪرڻ نه ڇڏيو ويو ته هوءَ اها به جاري ڪري ڇڏيندي.



Bookmark the permalink.