تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

حرا ماني کي ڪرينا جي تصوير شيئر ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي وئي

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا حرا ماني کي بالي ووڊ جي اداڪارا ڪرينه ڪپور جي تصوير شيئر ڪرڻ کان پوءِ سخت تنقيد ٿيڻ لڳي.حرا ماني جو ڳانڍاپو شوبز انڊسٽري جي ان فنڪارن ۾ ٿيندو آهي جنهن  گهٽ وقت ۾ ئي پنهنجا قدم ڄمائي ورتا. ڊرامي سيريل(دو بول) مان مشهوري ماڻيندڙ حرا ماني سوشل ميڊيا تي مختلف وقتن دوران پيغام ۽ تصويرون شيئر ڪندي رهي آهي جنهن سان ان جا چاهيندڙ محفوظ ٿيندا آهن.  هن ڀيري فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي حرا ماني بالي ووڊ اداڪارا ڪرينه ڪپور جي تصوير شيئر ڪئي جنهن تي مداحن طرفان سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي. حرا ماني ڪرينه جي تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته:(هي ڇا موڪلي ڇڏيو آهي  هن دنيا ۾ هن کان وڌيڪ خوبصورت تحفو ته ڪو ٻيو ٿي نٿو سگهي.خوبصورت) حرا ماني پاران ڪرينه ڪپور جي شيئر ڪيل  تصوير ڀارتي مشهور ڊيزائنر منيش ملهوترا جي فيشن شو جي آهي جنهن جي لاءِ اداڪارا عروسي لهنگو ۽ چولي پاتي آهي. حرا ماني جي هن پوسٽ تي تبصرو ڪندي توقير نالي مداح چيو آهي ته هن کان وڌيڪ خوبصورتي ته پاڪستان ۾ آهي. اهڙِي طرح عامر نالي مداح لکيو آهي ته اوهان کي ڪا پاڪستاني اداڪارا نه ملي شيئر ڪرڻ جي لاءِ.حجابي نالي مداح چيو آهي ته گهڻو ٿي ويو هي صحيح ناهي. جڏهن ته سونيا نالي مداح عورت لکيو آهي ته حرا ماني هميشه ڪرينه ڪپور جي نقل ڪندي رهندي آهي. جڏهن ته ڪجهه مداحن حرا ماني جي لاءِ لکيو آهي ته هو ڪرينه کان به وڌيڪ خوبصورت آهي. واضح رهي ته حر اماني ماضي ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪرينه ڪپور خان جي نقل به ڪري چڪي آهي ۽ چئي چڪي آهي ته مان ڪرينه جي مداح آهيان.

Bookmark the permalink.