تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

حاصل بزنجو جي وڇوڙي سان اسلام آباد سان ويڇا وڌياآهن: مالڪ بلوچ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين برک سياستدان مير حاصل بزنجو جي وڇوڙي کي بلوچستان لاءِ نقصان قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان هڪ سگھاري آواز کان محروم ٿي ويو، مير حاصل بزنجو جو وڇوڙو بلوچستان جي سياست لاءِ وڏو نقصان آهي مير حاصل بزنجو جمهوريت خاطر مراعتن کي ٿڏي ڇڏيندو هو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ مير حاصل بزنجو جي ياد ۾ ڪرايل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو ته حاصل بزنجو اسان جو ليڊر هو ، حاصل بزنجو ۽ اسان سڄي عمر پنهنجي قائدين جي نقش قدم تي هلندا رهياسين، حاصل بزنجو مولانا فضل رحمان، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي هڪئي صف ۾ آڻي بيهاريندو هو، هاڻي کاٻي ڌر جا سياستدان ڇڙ وڇڙ ٿيل آهن، هن چيو ته اسان گذريل 15 سال ڏکيائي سان گذاريا آهن، اسان جي 40 کان 50ساٿين کي ماريو ويو پر پوءِ به اسان انتهاپسندي وارو رستو اختيار نه ڪيو، هن چيو ته مير حاصل بزنجو جي وڇوڙي سان بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ ويڇو وڌي ويو آهي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ جان محمد بليدي چيو ته حاصل بزنجو پ پ ۽ نواز ليگ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو، کيس سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار نامزد ڪيو ويو، سينيٽ جي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي سامهون رکجي ته 65 ماڻهو 45 ڳڻيا وڃن ٿا، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مير ڪبير احمد، پروفيسر توصيف احمد، سهيل سانگي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران ۽ ٻين پڻ حاصل بزنجو جي زندگي تي روشني وڌي.

Bookmark the permalink.