تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

حارث کي لڳل گولي نه نڪتي: طبيعت آپريشن جهڙي ناهي : والد

ڪراچي: دعا منگي جي اغوا واري واردات وقت هٿياربندن هٿان گولي هڻي زخمي ڪيل حارث سومرو جي طبيعت ۾ اڃا تائين بهتري اچي نه سگھي آهي، حارث جي والد عبدالفتاح سومرو ٻڌايو ته ڊاڪٽر گولي نه ڪڍي سگھيا آهن، گولي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪرڻو پوندو، پٽ جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽرن اڃا تائين ڪو ٽائيم نه ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس طبيعت ان حد تائين بهتر ناهي جو آپريشن ٿي سگھي. هن چيو ته حارث ٿورو ٿورو ڳالهائيندو آهي، جڏهن ته هو کائي پي نه ٿو سگھي



Bookmark the permalink.