تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حارث سومري جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: ڊاڪٽرن پارن آپريشن جي صلاح

دعا منگي هيش ٽيگ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو: پوليس تي سخت تنقيد

ڪراچي: هٿياربندن هٿان زخمي ڪيل سي بي ايم جي ٻئي سال جي شاگرد حارث سومرو جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، سندس وارث سخت پريشاني جو شڪار آهن، حارث سومرو جي والد عبدالفتاح سومرو ٻڌايو ته حارث ڳالهائي نٿو سگھي،سندس بلڊ پريشر به نارمل ناهي، ڊاڪٽرن چيو آهي ته حارث جو آپريشن ڪرڻو پوندو، بلڊپريشر نارمل نه هجڻ سبب ڊاڪٽر آپريشن ڪرڻ کان لنوائين ٿا. هن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، منهنجي پٽ جي حالت ۾ بهتري ناهي آئي
ڪراچي: دعا منگي هيش ٽيگ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، پوليس تي سخت تنقيد، دعا منگي جي اغوا واقعي۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت قسم جو ردعمل سامهون آيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي به هيش ٽيگ دعا منگي (#DuaMangi) ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو، مشهور ڪالم نگار عائشه صديقي ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته اسان جي اهڙي سماج ۾ مردن کي الزام بازي بند ڪرڻ گهرجي، جتي عورتن جي لڄالٽ ٿيندي هجي يا وري کين اغوا ڪيو وڃي. اسان کي سمورين عورتن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. آندري روز نالي صارف لکيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي عورتون محفوظ ناهن، مهوش رحمان لکيو ته هڪ ناري اغوا ٿي وئي، سندس دوست کي گولي هڻي مرڻينگ ڪيو ويو آهي، اُن لاءِ آواز اٿارڻ بدران اسان ڇوڪري جي لباس تي ڳالهائي رهيا آهيون. اسان جي انسانيت ڪٿي آهي؟

Bookmark the permalink.