تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جھوڪ شريف ۽ ڀرپاسي مڇرن جو آزار، مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون

جهوڪ شريف (ن پ ا) جهوڪ شريف ۽ ان جي ڀرپاسي مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مڇرن جي واڌ کانپوءِ مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ واڌ اچيوئي آهي. ان ڏس ۾ هتان جي رهواسين علي حسن خاصخيلي، عبدالغفار جتوئي، غلام حسين ڪنڀار ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪافي سالن کان مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي، جنهن ڪري ڪيترائي ٻار توڙي وڏڙا مليريا سميت ڪيترن ئي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته جهوڪ شريف ۽ ان جي ڀرپاسي مڇر مار اسپري ڪرائي مڇرن جي آزار کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.