تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جھول واسي واپاري جي قتل ڪيس ۾ ٻه ڀائربري ٿي ويا

جهول (رپورٽ: ممتاز شر) جھول ۾ ڪپڙي جي واپاري  تامل ميگهواڙ جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ٽيڪسي ڊرائيور انور خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ نياز خاصخيلي کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ماڊل ٽرائل ڪورٽ سانگھڙ باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان فريادي ساجن ميگهواڙ ۽ ڪيس جي شاھدن ڏيون ڪمار ۽ ارجڻ ميگهواڙ  موجب انھن سمورا بيان ايف آءِ آر تحت ۽ جھول پوليس کي ورتل لکت ۾ ڏنا ھئا. جوابدارن جي آزادي سمجهه کان ٻاھر آھي مقتول جي ڀاءُ ڪيس جي فريادي ساجن پٽ خانو ميگهواڙ موجب ھو قاتلن جي آزادي واري فيصلي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪندا. سندن نوجوان کي بيدردي سان گھٽا ڏئي ماري سم نالي ۾ لاش اڇلايو ويو هو. ڪپڙي جو واپاري تامل ميگهواڙ سندي دوست انور خاصخيلي سان ٽيڪسي ۾ 31جولا۽ 2019 تي ڪپڙي جي خريداري لاءِ جھول مان  مير پور خاص ويو هو پر ٽيڪسي ڊرائيور واپس خالي موٽي آيو ۽ مقتول جي وارثن کي ڪھاڻي ٻڌائي ته تامل ميگهواڙ ۽ هو مير پور خاص ۾ پھتا  هئا، پر تامل گاڏي مان ڪپڙي جي خريداري لاءِ ويندي خبر ناھي ڪيڏانھن ويو، سندس فون بند ھئڻ ڪري ھو سندس انتظار ڪري ٿڪجي پيو، تڏهن موٽي آيو. ڊرائيور جي اھڙي ڪٿا تي وارث انھي ساڳئي ڊرائيور سان گڏ ھن جي گاڏي ۾ چڙھي مير خاص ۾ توڙي مختلف ھنڌن تي رھندڙ مائٽن وٽ ڳولا ڪئي مقتول جي مسلسل ڳولا باوجود نه  ملڻ جي صورت ۾شڪ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جو نالو ڏنو ويو هو. جوابدار کي جھول پوليس حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي ته ھن پوليس کي ٻڌايو ته تامل ميگهواڙ کيس ٻڌايو ته اڄ پئسا جام آھن وڏي خريداري ڪبي، جنھن تي ھن گاڏي ۾ ڀاءُ نياز خاصخيلي کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ مير پور خاص پھچڻ کان اڳ ھنن واپاري کان پئسا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته واپاري مزاحمت ڪئي، جنهن تي سندس ئي ٽوال سان سندس منھن ويڙھي رسي سان ٻڌي پئسا ڦريا، جنھن دوران ساھ ٻوساٽجڻ سبب واپاري  فوت ٿي ويو ۽ هنن لاش جھول لڳ ڇٻرلو سم نالي ۾ لوڙھي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.