تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

جھول، پيرون مل ۽ ٻين شهرن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار تيل ۽ گيهه وڪري جو انڪشاف

ڪي پي ڪي۽آزادڪشميرمان آيل ڪجھه ماڻهو هاڃيڪارتيل۽گيهه سپلاءِڪرڻ لڳا

پيرونمل، دلشاخ، ٽنڊومٺاخان، دڙو بازار، ارڙھون ميل، ڪنڊياري ۾ هاڃيڪار تيل وڪرو

جهول/ پيرون مل( رپورٽ ممتاز شر ۽ دلدارحسين خاصخيلي) جھول ۽ پيرون مل سميت مختلف علائقن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار تيل ۽ گيهه جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ جھول شھر جي وارڊ نمبر ٽي مان خيبر پختون خواھ ۽ آزاد ڪشمير مان آيل ڪجھ ماڻھن پاران مسواڙ تي جڳھ وٺي  سڄي ضلعي سانگھڙ ۾ سيڌي  مٺائي پڪوڙن جي دڪانن۽ ھوٽلن تي هاڃيڪار تيل وڪروٿي رهيو آهي. ڄاڻايل کاڄرو تيل ۽ گيھه وڪرو ڪندڙ مختلف لوھ جي ڊرمن ۾ وجھي دڪاندارن کي اسي کان نوي روپيا ليٽر وڪرو ڪن ٿا، جڏھن ته دڪاندار اھو ساڳيو تيل ھڪ سو ويهھ کان ھڪ سو چاليھه روپين ۾ صارفين کي وڪرو ڪن ٿا. شھرين تاج علي وحيد علي ارشد حسين يعقوب خميسو خان مشرف شوڪت جان محمد ۽ ٻين ٻڌايو ته هاڃيڪار تيل ۽ گيھه وڪرو ڪندڙن کي با اثر سياسي ڀوتارن جي پٺڀرائي آهي ان ڪري ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. ڄاڻايل تيل جي واهپي سبب دل جا دورا پوڻ ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن، جلد انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن پيرونمل، دلشاخ، ٽنڊومٺاخان، سرنواري، دڙو بازار، دين محمد سنگراسي، ارڙھون ميل، ڪنڊياري ۽ ڀرپاسي ۾ نقلي گيهه ۽ تيل جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري رھواسي هيپاٽائيٽس، ڪاري سائي، ڪينسر، جيري، معدي، گردن ۽ الرجي سميت ٻين موذي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. سياسي سماجي اڳواڻن شاهد حسين ڳاهو، سيد اصغر علي شاهه لڪياري، عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته غير معياري آئل ۽ گيهه جي وڪري خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي بيمارين کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.