تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

جڏهن منهنجي والدا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي، ان وقت ووٽ پنهنجي عزت جي جنگ وڙهي رهيو هو: مريم نواز

نواز شريف کي دٻاءَ ۾ اچي ناحق سزا ٻڌائي وئي، ملڪ جي مٽي شاهد آهي ۽ رهندي:مريم

جج اعتراف نه ڪري ها ته قوم نه ڄاڻي ها ته ڪيئن بيگناهه نواز شريف کي دٻاءَ ۾ اچي سزا ڏني وئي:مريم

لاهور ( بيور رپورٽر) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز چيو ته سندس والدا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي ۽ ووٽ پنهنجي عزت جي جنگ وڙهي پيو ان وقت سزا ٻڌائڻ پٺيان جيڪي مقصد هئا اهي اڄ سڀني آڏو پڌرا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته انتقام کي ڏسندي به جيڪڏهن هو ٻه سال اڳ اڄ جي ڏهاڙي واپسي جو ڏکيو فيصلو نه ڪن ها ته هڪ جج پنهنجي ڏوهه جو اعتراف نه ڪري ها. مريم نواز چيو ته جج اعتراف نه ڪري ها ته قوم نه ڄاڻي سگهي ها ته ڪيئن بي گناهه نواز شريف کي دٻاءَ ۾ اچي سزا ڏني وئي، ملڪ جي مٽي شاهد آهي ۽ رهندي.

Bookmark the permalink.