تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جي يو آءِ ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ناانصافي خلاف روڊن تي نڪرڻ جي ڌمڪي

ملڪ جي تباهي جو ذميوار عمران آهي، ٻارن جون عزتون به محفوظ ناهن: راشد محمود

شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ ھلائيندڙن کي فيصلو وٺڻو پوندو ته انهن کي عمران خان کپي يا ملڪ کپي، جيڪڏهن اڃان به انهن نه سوچيو ته ملڪ جي ڀينگ ٿي ويندي، شھدادڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود چيو ته ملڪ جي معاشي تباھي جو ذميوار وزيراعظم عمران خان آهي،مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو رپئي واري شئي جو ملھ ڏھوڻ تي وڃي پھتو آهي، ھن چيو ته سنڌ جي صورتحال ايتري ته ڀيانڪ ۽ وحشياڻي ٿي ويئي آهي جو معصوم ٻارن جون عزتون به محفوظ نه آهن جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي جيڪا نظام مصطفيٰ واري قانون تي عمل نه پئي ڪري، ھن چيو ته ٺري مير واھ وارو واقعو انسانيت کي لڄائيندڙ ھڪ اھڙو شرمناڪ واقعو آهي جيڪو اڳ ڪڏهن ان وحشياڻي صورت ۾ سامھون نه آيو آهي، ھن چيو ته سنڌ وڏي عرصي کان بگھڙن جي وات ۾ آهي جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ عوام اسان جو ساٿ ڏي، ھن چيو ته ڪورونا جي خاتمي جي فورن بعد جي يو آءِ سنڌ ۾ ڪرپش، ڦرلٽ ۽ ھر ناانصافي خلاف روڊن تي ھوندي.

Bookmark the permalink.