تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جي آءِ ٽي رپورٽ آسماني ڪتاب ناهي جو صحيح هجي: امتياز شيخ

ٽرانسميشن لائين جو ٺيڪو وٺندڙ ڪمپني جو تعلق اومني سان آهي؟:عارف مصطفيٰ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ توانائي واري کاتي بابت سوالن جوابن دوران جي آءِ ٽي رپورٽن سميت بند پيل شگر ملن بابت دلچسپ سوال جواب ٿيا، عارف مصطفيٰ جتوئي اجلاس ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ کان سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت جيڪا ٽرانسميشن لائين وڇائي آهي، ان جو ڪنهن ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو ويو، ڇا ان ڪمپني جو اومني گروپ سان واسطو آهي؟، جنهن تي امتياز شيخ چيو ته مونکي خبر ناهي،پر جيڪڏهن ان ڪمپني جو اومني گروپ سان تعلق آهي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. هڪ سوال ۾ عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته نوري آباد ۾ جيڪو پاور پراجيڪٽ لڳايو ويو آهي، ان جو جي آءِ ٽي ۾ نالو آيو آهي ته ان ۾ ڪرپشن ٿي آهي، ڇا ان بابت اوهان کي خبر آهي؟، جنهن تي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڪا آسماني ڪتاب ناهي جو ان جي هر ڳالهه صحيح هجي. امتياز شيخ کي جڏهن گيلري ۾ ويٺل توانائي واري سيڪريٽري بار بار پرچون اماڻيون ته عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته مون پهريون رٽائرڊ بيورو ڪريٽ وزير ڏٺو آهي، جنهن کي پنهنجي کاتي جا سوال جواب ڏيڻ لاءِ پرچن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ فردوس شميم نقوي چيو ته امتياز شيخ کي جيڪڏهن پنهنجي کاتي بابت خبر ناهي، جي آءِ ٽي بابت خبر ناهي ته پوءِ اهو اخبارون پڙهي ته پتو پويس ته ملڪ ۾ ٿئي ڇا پيو؟، جنهن تي امتياز شيخ چيو ته مون وٽ ايترو فضول وقت ناهي جو جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهان، باقي اخبار پڙهندور هندو آهيان. اجلاس ۾ عبدالرزاق راهمون سوال پڇيو ته مرزا، پنگريو، کوسڪي ۽ لاڙ شگر ملون ڇو بند آهن؟، جنهن تي امتياز شيخ چيو ته اهي شگر ملون خانگي آهن، سنڌ حڪومت جو انهن سان واسطو ناهي، ٿي سگهي رهتون ادا نه ڪرڻ سبب بند هجن. هڪ سوال جي جواب ۾ شگر ملن جي بجلي سپلاءِ ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي 36 شگر ملن وٽان 9 وٽ پنهنجون گرڊ اسٽيشن آهن،گهڻي ڀاڱي نجي شگر ملز آهن، جيڪي پنهنجي ذاتي بجلي پيدا ڪن ٿيون.

Bookmark the permalink.