تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

جيڪب آباد: 87 هزار ڪڻڪ ٻورين جي خرد برد جي جاچ سرد خاني حوالي

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي اينٽي ڪرپشن پوليس جي سرڪل آفيسر محمد حنيف سرڪي جي فرياد تي 18 فيبروري 2020 تي ڳڙهي خيرو سينٽر جي فوڊ انچارج نادر مگسي تي 87 ھزار 37 ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خرد برد جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جڏھن ته 30 ڪروڙ کان مٿي ڪڻڪ ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد سياسي مداخلت ھيٺ ماٺار ٿي ويھي رھي چار مھينن جي دوران ڪڻڪ جي ميگا ڪرپشن ۾ ملوث ٻين ملوث جوابدارن کي ظاھر نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪيس عدالت ۾ چالان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل اڳوڻو انچارج نادر مگسي عدالت مان ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي ذريعن کان معلوم ٿيو ته 30 ڪروڙ کان مٿي ڪڻڪ جي خردبرد ۾ بااثر ماڻھو شامل آهن جنهن لاءِ اينٽي ڪرپشن پوليس تي دٻاءُ وڌو ويو جنهن بعد پوليس ڪيس کي سرد خاني حوالي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جيڪب آباد جي سرڪل آفيسر محمد حنيف سرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 87 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خردبرد وارو ڪيس سرد خاني حوالي نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪورونا سبب ٻيا ادارا متاثر ٿيا آهن ۽ اسان به ڪورونا سبب جاچ مڪمل نه ڪري سگهيا آهيون ھن چيو ته 6 ڊي ايف سيز نويد ڪيھر، عبدالستار ميمڻ، فاروق ڪليري، قمر الدين ميمڻ، فضل محمد ڀنگوار، جمال الدين سميت اسٽوريج آفيسر سارنگ رام کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڀيرا نوٽيس اماڻيا ويا آهن پر انهن جاچ ۾ تعاون نه ڪيو آهي جنهن بعد فوڊ کاتي جي ڊائريڪٽر کي به ليٽر لکيا ويا آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي 30 ڪروڙ کان مٿي ڪرپشن جي داخل ڪيل ڪيس کي جلد عدالت ۾ چالان ڪيو ويندو واضح رهي ته 4 چار مھينا اڳ اينٽي ڪرپشن پاران ڪيس ۾ انچارج نادر مگسي کي ملوث ڄاڻايو ھو ته انچارج نادر مگسي ان وقت جي ڊي ايف سي روشن پنھور تي الزام مڙھيا ھئا ته روشن پنھور 87 ھزار ڪڻڪ جي ٻورين ۾ خرد برد ڪئي آهي پر مون کي ان ۾ ڦاسايو ويو آهي جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو ته اينٽي ڪرپشن جا عملدار به ان ميگا ڪرپشن ۾ ملوث آهن

Bookmark the permalink.