تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

جيڪب آباد ۾ 5 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانڻ دڙي ۾ قتل ٿيل 5 ڄڻن جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن ذوالفقار علي، محمد مريد، غلام فريد معصوم ٻارن سميت پريس ڪلب آڏو پھچي احتجاج ڪيو. متاثرن دانھيندي چيو ته ڪيتري عرصي کان 100 جريب زمين جي مالڪي تان برادري جي ماڻهن سان خوني تڪرار ھلندڙ آهي جھيڙي ۾ پنج ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جنهن جي قتل جو ڪيس جوابدارن گلاب، مجيد، ايوب لاشاري سميت ٻين تي داخل ٿيل آهي پر مولاداد پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي .ھنن پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت لاشاري تي الزام مڙھندي چيو ته ضلعي صدر جوابدارن سان ڌر بڻيل آهي ان لاءِ سياسي اثر رسوخ سبب جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن جڏھن ته جوابدار اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان ڳوٺ کان لڏپلاڻ ڪري جيڪب آباد جي جانيديرو واري علائقي ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت لاشاري جي ٻٽ بڻجڻ سبب خونريزي وڌڻ جو خدشو آهي ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ ٻنھي ڌرين جو سردار منظور پنھور وٽ فيصلو ٿيو جنهن جي فتويٰ جاري ٿيڻ کان پھريان احتجاج ڪندڙ ڌر ڦري وئي، ھن چيو ته مون تي سياسي طور الزام ھڻي رھيا آھن ڊپٽي ڪمشنر يا ايس ايس پي جيڪب آباد جاچ ڪرائي ته مون کي ڪو اعتراض ناهي

Bookmark the permalink.