تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

جيڪب آباد ۾ ڳوٺاڻن کان ڦر، مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي، احتجاج

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مائينر شاخ وٽ جيڪب آباد کان ڳوٺ ويندڙ تاج محمد بروهي ۽ ديدار بروهي کان ھٿياربند موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي، ھٿياربندن ڪلاشنڪوف جا بٽ ھڻي ٻنهي ڳوٺاڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري موٽر سائيڪل بچائي ھڪ ڦورو کان ڪلاشنڪوف کسي ورتي جنهن بعد ڦورو فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پريس ڪلب جيڪب آباد پھچي مولاداد پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن نظر حسين بروهي، عبدالرزاق شاهه، محمد شريف بروهي ۽ ٻين دانھيو مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ ڦر جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي اطلاع باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او مولاداد دلي جان مگسي رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن ھٿياربندن کان ڪلاشنڪوف کسي پوليس حوالي ڪيو آهي جڏهن ته ھٿياربندن جا پيرا کنيا آهن جيڪي دادپور جاگير ۾ لڳا جلد ھٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويندو

Bookmark the permalink.