تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

جيڪب آباد ۾ گندگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي، سمورا اڳوڻا ميمبر طلب

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت گندگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سمورن وارڊن جي اڳوڻن ميمبرن کي طلب ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ شهر ۾ گندگي ۽ وارڊ ميمبرن پاران ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ تي سماجي اڳواڻ ايڊوڪيٽ طاهر علي رند جي داخل درخواست تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن ۾ اڳوڻن وارڊ ميمبرن ظاهر شاهه، ناصر پٺاڻ، هرپالداس، طاهر پيرزادو، محمد عثمان پٺاڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا. جڏهن ته وارڊ ميمبرن جي وڪيل عبدالجبار لاشاري عدالت کي ٻڌايو ته ميونسپل جا وارڊ ميمبر رٽائر ٿي چڪا آهن شهر جي صفائي انهن جي ذميواري ناهي پر اهو ڪم ميونسپل وارن جو آهي، جنهن تي ميونسپل جي وڪيل سي ايم او کان رپورٽ وٺي پيش ڪرڻ جو چيو. انهيءَ موقعي تي اڳوڻي وارڊ ميمبر سيد ظاهر شاهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جج انهيءَ کي روڪي ڇڏيو. جڏهن ته جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سي ايم او شهر ۾ صفائي جا انتظام بهتر ڪري 30 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪري ۽ اڳئين ٻڌڻي تي سڀني وارڊ ميمبرن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو پابند ڪيو وڃي جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

Bookmark the permalink.