تازا ترين
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

جيڪب آباد ۾ پيش امام جو معصوم کٿابي تي وحشياڻو تشدد

چپل گم ڪرڻ تان بلوچستان واسي پيش امام حافظ رحمت الله تشدد جو نشانو بڻايو: متاثر کٿابي محمد اويس

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ چپل گم ڪرڻ تان پيش امام جو معصوم گٿابي تي مبينا طور وحشياڻو تشدد، بروهي پاڙي جي مسجد جي پيش امام حافظ رحمت الله مدرسي ۾ پڙھندڙ معصوم کٿابي محمد اويس کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب معصوم جي سڄي پٺي ڳاڙهي ٿي وئي. پاڙيسري پاران ٺاهيل وڊيو ۾ کٿابي ٻڌائي ٿو ته پيش امام چپل گم ڪرڻ تان مارڪٽ ڪئي. پاڙيسرين کان معلوم ٿيو آهي ته پيش امام بلوچستان جي صحبتپور علائقي جو رھواسي آهي، جڏهن ته متاثر نينگر پيش امام جو ڀائيٽيو ٻڌايو پيو وڃي. واقعي بعد پاڙي جي معزز ماڻهن هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ پيش امام کي پاڙي جي مسجد مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.