تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

جيڪب آباد ۾ پوليو جا 5 ڪيس ظاهر ٿيڻ جو نوٽيس

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ھلندڙ سال پوليو جو پنجون ڪيس ظاهر ٿيڻ جو ڪمشنر لاڙڪاڻي سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو ٽو امير فضل اويسي جيڪب آباد پھچي ڊي سي آفيس ۾ اجلاس گھرائي ورتو آهي اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري، اي ڊي سي حاجن اڄڻ، ڊي ايچ او ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي، ڊبليو ايچ او جي عملدارن، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو امير فضل اويسي ضلعي جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ناقص ڪم سبب جيڪب آباد ۾ پوليو جو پنجون ڪيس ظاھر ٿيو آهي جيڪو قابل افسوس ۽ صحت کاتي جي عملدارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان بڻيل آهي صحت کاتي جي ويڪسينيٽرن ۽ پوليو انچارجن جي نااهلي سبب ڏينهون ڏينهن ڪيس وڌندا پيا وڃن اگر ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو سلسلو ائين جاري رھيو ته ڊي ايچ او کان چارج واپس ورتي ويندي، ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي اجلاس ۾ ٻڌايو ته ويڪسينيٽرن سميت لاڳاپيل عملي کي 40 کان مٿي ايڪسپلينشين ڪال ڏني وئي آهي آئون ته ڪم ڪري رهيو آهيان جنهن تي ايڊيشنل ڪمشنر ڊي ايچ او کي ڇنڊ پٽيندي سختي سان پڇاڻو ڪيو جنهن تي ڊي ايچ او چارج ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته آئون اي ڊي ايچ او آھيان مون کي چارج ڏني وئي آهي جيڪا ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان اجلاس چار ڪلاڪن تائين جاري رھيو جنهن ۾ گرما گرمي به ٿي ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو ٽو امير فضل اويسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ 20 کان مٿي ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ لاڙڪاڻو ريجن پھرين نمبر تي آهي لاڙڪاڻي ريجن ۾ 11 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻيا ضلعا شامل آهن جيڪا خطري جي نشاني آهي جيڪب آباد جي سوريج نالن ۾ پوليو وائرس موجود آهي ڪورونا سبب مھم متاثر ٿيڻ سبب ڪيس ظاهر ٿيا آهن مھم سختي سان نه ھلايو ويو ته ڪيسن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڊي ايچ او کي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي کنيل قدم تي غور ڪيو ويو ھن چيو ته ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون سبب مھم متاثر ٿيو آهي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويا آهن سوريج ۾ پوليو موجود آهي اسان کي محتاط رھڻو پوندو

Bookmark the permalink.