تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

جيڪب آباد ۾ پوليس اهلڪار طرفان خودڪشي جي ڪوشش، ايس ايڇ او جي ذهني ٽارچر سبب سجاد مغيري آپگهات جي ڪوشش تي مجبور ٿيو:وارث

سجاد مغيري ڊيوٽي چور هو، ٻئي هنڌ ڊيوٽي لڳائي ته پاڻ مٿان فائر ڪيو: ايس ايڇ او

جيڪب آباد (ن پ ا) مولاداد ٿاڻي جي پوليس اهلڪار سجاد مغيري پاران پاڻ مٿان فائر ڪيو ويو، اهلڪارسرڪاري هٿيار سان فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار جي وارثن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او پوليس اهلڪار جي ڊيوٽي مسلسل هڪ هنڌ لڳائي هئي، سجاد مغيري ذهن دٻاءُ جو شڪار رهڻ بعد خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي، اهلڪار جي وارثن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او جي ذهني ٽارچر سبب سجاد مغيري آپگهات جي ڪوشش تي مجبور ٿيو، الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته سجاد مغيري ڊيوٽي چور هو، ٻئي هنڌ ڊيوٽي لڳائي ته پاڻ مٿان فائر ڪيو، جڏهن ته سرڪاري رائيفل سان فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا منتقل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.