تازا ترين
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

جيڪب آباد ۾ نوجوان ڪارنهن تڪرار تان قتل: موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار

نوجوان علي بخش ٽالاڻي ڪراچي کان واپس پهتو، رستي تي کيس قتل ڪيو ويو

نوجوان کي ڪارنهن جي پُراڻي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي: پوليس

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڪراچي کان پهتل نوجوان ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿي ويو. صدر ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لکمير واسي نوجوان علي بخش ٽالاڻيءَ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس لاش تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.
مقتول جي ڀاءُ الطاف ٽالاڻي ٻڌايو ته هو ڪراچي کان هتي پهتا ۽ ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته رستي تي موٽر سائيڪل تي سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن سندس ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني. موٽر سائيڪل سوار سندس اڳيان ڀاءُ کي رڪشا مان لاهي گولين جو کاڄ بڻايو. الطاف ٽالاڻي موجب سندس ڀاءُ کي ڪارنهن جي ڪوڙي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي ته نوجوان کي ڪارنهن جي پُراڻي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.