تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

جيڪب آباد ۾ نوجوان اسلم شاهه جي قتل خلاف سيد برادري جو ڌرڻو، پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، ڪيترائي کنڀجي ويا

مظاهرين کي گرفتار ناهي ڪيو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي:پوليس

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيد برادري طرفان جمالي واهه ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، سول لائن ٿاڻي جي پوليس ڌرڻي تي ويٺلن مٿان ڪڙڪي پئي، عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي کنڀي وئي، ان موقعي تي مظاهرين دانهون ڪندا رهيا ۽ هنن دانهيو ته پوليس اسلم شاهه جا قاتل گرفتار نٿي ڪري، اسان سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي پاسي سول لائين پوليس جو چوڻ آهي ته هنن مظاهرين کي گرفتار ناهي ڪيو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.