تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

جيڪب آباد ۾ فوتي ڪوٽا تحت جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي تعليم کاتي ۾ فوت ٿي ويل 23 ملازمن جي اولاد کي ٻه اسال اڳ فوتي ڪوٽا تحت چيف سيڪريٽري آرڊر ڏنا هئا پر ٻه سال گذرڻ باوجود ڊي آر سي جي گڏجاڻي ٿي نه سگهي، جنهن سبب فوتي ڪوٽا تحت آرڊر ملندڙ يتيم اميدوار دربدر جوائننگ نه ملڻ خلاف نوجوانن طاھر علي بروهي، صدام حسين سرڪي، عبدالرحيم سرڪي، شھزاد بروهي، شاھنواز دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهھ بخش سومرو پارڪ کان پريس ڪلب تائين جلوس ڪڍيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ھئا جن تي جوائننگ آرڊر سميت مطالبا منظور ڪرڻ جا نعرا لکيل ھئا مظاھرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي آرڊر ملندڙ اميدوارن خطاب ڪندي چيو ته 2018 ۾ چيف سيڪريٽري فوتي ڪوٽا تحت آرڊر جاري ڪيا ھئا پر 2 سال گذري وڃڻ باوجود ڊي آر سي مڪمل نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب اسان کي جوائننگ نه ملي آهي اسان يتيم دربدر آهيون يتيمن کي دربدري کان بچايو وڃي ھنن وڏي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي جوائننگ آرڊر جاري ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

Bookmark the permalink.