تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

جيڪب آباد ۾ سوا 24 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيندڙ جوابدار کي 30 مهينا ٽيپ

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سوا 24 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي هڪ جوابدار کي 30 مهينا قيد جي سزا ملي وئي. فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار بابل سولنگيءَ کي 30 مهينا قيد ۽ 30 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.
عدالت ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻن ڀائرن مير حسن ۽ محمد حسن کي ثبوت نه ملڻ تي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته شهري اسفند يار بروهي کيس 24 لک 30 هزار روپين جو ڪوڙو چيڪ ملڻ خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ڏيتي ليتي دوران جوابدارن کيس ڪوڙو چيڪ ڏنو آهي.

Bookmark the permalink.