تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

جيڪب آباد ۾ سرڪاري زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار وارو اسڪينڊل: 3 مختيارڪارن، سپروائيزر ۽ تپيدار جي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بينچ 5-5 لک عيوض ضمانت منظور ڪئي

نيب سکر جي عدالت طرفان جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي
مختيارڪار۽ تپيدار

جيڪب آباد (رپورٽر) ھاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بينچ جسٽس اقبال مھر ۽ جسٽس ارشاد علي شاھ جي عدالت سرڪاري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار 3 مختيارڪار غلام عباس سڌايو، مختيار ڪار ممتاز چنو، مختيار ڪار عبدالحميد ڪٽو، تپيدار غلام ياسين مھر، سپروائيزر اصغر سرڪي ۽ زمين جي کاتي جي دعويدار سليم خان کوسو جي 5-5 لک عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ملوث سمورن جوابدارن خلاف نيب سکر جي عدالت سرڪاري زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي نومبر 2018 ۾ سزا ٻڌائي ھئي، جنهن ۾ ٽنهي مختياڪار کي 7-7 سال ۽ سپروائيزر اصغر سرڪي سميت تپيدار غلام ياسين کي 5-5 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي. ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران 2700 فوت سرڪاري زمين تي ڪم ڪرايو پئي ويو ته زمين جي مالڪي ڪندڙ سليم کوسو دڪانن ڪم بند ڪرايو ھو، جنھن تي ان وقت جي ايس ايس پي جيڪب آباد يونس چانڊيو نيب سکر کي ليٽر لکيو ته سرڪاري زمين جا کاتا مختيارڪارن جي ڪوشش سان تبديل ڪيا ويا آهن. ان بعد نيب سکر جاچ بعد مٿي ڄاڻايل جوابدارن تي ريفرنس داخل ڪيو ۽ ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي نيب ڪورٽ سزا ٻڌائي ھئي، جيڪي ھن وقت سکر جيل ۾ سزا ڪاٽي رھيا ھئا.

Bookmark the permalink.