تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

جيڪب آباد ۾ خوراڪ کاتي جو ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 3 ملن تي ڇاپو، هڪ مل سيل

جيڪب آباد (رپورٽر) خوراڪ کاتي جي عملدارن جو ڪڻڪ ذخيرا اندوزي جي الزام هيٺ 3 ملن تي ڇاپو هنيو ويو آهي. ڪڻڪ ذخيرا اندوزي جي الزام ھيٺ مھراڻ مل، احسان لاشاري مل ۽ بليدي مل تي ڇاپو هڻي مھراڻ مل سيل کي سيل ڪيو ويو آهي. ڊي ايف سي روشن پنھور موجب ذخيرا اندوزي جي الزام هيٺ 15 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ ڪري مل کي سيل ڪيو ويو . مل مالڪ منير ميمڻ جو چوڻ هو ته خوراڪ کاتي 6 ھزار ڪڻڪ جو بارداڻو ڏنو جنهن مان 2 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون موڪليون ويون آهن. چال چلت درست هجڻ باوجود به خوراڪ کاتي جي عملدارن ڇاپو هڻي ناجائزي ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.