تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

جيڪب آباد ۾ حملي ۽ قتل جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان چار ڏينهن اڳ ڳوٺ تي ھٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل نوجوان سميت ٻن زخمين جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. کوسا برادري جي ماڻهن مولاداد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته بعد ۾ پريس ڪلب ۾ امير بخش کوسو، نديم کوسو، آصف کوسو، فضل الدين کوسو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو ته مولاداد پوليس رشوت عيوض جوابدارن کي ڍر ڏئي ڇڏيو چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ نامزد ٿيل ھڪ جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته بليدي برادري جا ماڻهو دھشتگرد آھن ھٿياربندن اسان جي گھرن مٿان راڪيٽ جا گولا فائر ڪيا راڪيٽ جا گولا ته دھشتگردن وٽ ھوندا آھن کوسا برادري جي ماڻهن فائر ٿيل راڪيٽ جي گولن جا تصويرون صحافين کي ڏيکاريا ويا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مولاداد پوليس ٻڌايو ته کوسا برادري تي حملي جا 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جوابدار فرار ٿي ويا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن باقي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ صداقت ناهي.

Bookmark the permalink.